تازه ترين

حماس ترجمان ايلون مسڪ کي غزه ۾ اسرائيلي جارحيت سبب ٿيل تباهي جو جائزو وٺڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
حماس جي ترجمان اسامه حمدان چيو آهي ته اسرائيل غزه ۾ پنهنجو ڪوبه  مقصد حاصل ناهي ڪري سگھيو، ايلون مسڪ کي اسرائيل وانگر غزه دورو ڪرڻ گهرجي. لبنان جي راڄڌاني بيروت ۾ پريس ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي اسامه حمدان چيو ته زميني ڪارروائين ۾ مارجي ويل اسرائيلي فوجين جو انگ ٻڌايل انگ کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته اسرائيل جا هڪ هزار کان وڌيڪ فوجي زخمي ٿيا آهن، جن مان 200 کان وڌيڪ زخمي آهن، دشمن جو نقصان ايندڙ ڏينهن ۾ وڌي ويندو. حماس جي ترجمان جو چوڻ هو ته فلسطيني قيدين ٻڌايو آهي اسرائيل جو رويو ڪيترو وحشياڻو هو، جيڪڏهن اسرائيلي قيدين ۾ فلسطيني قيدي نه هجن ها ته کين اسرائيلي يرغمال بڻائڻ جي ضرورت نه پوي ها. هن چيو ته عرب اڳواڻن، مسلمان ۽ عرب ملڪن کي اجلاس جي قراردادن تي عمل ڪرڻ گهرجي. اسامه حمدان وڌيڪ چيو ته غزه ۾ روزاني امدادي ٽرڪن جو انگ وڌايو وڃي، ايلون مسڪ جيئن اسرائيل جو دورو ڪيو، غزه جو به دورو ڪري ۽ اسرائيل طرفان فلسطينين جي تباهي کي ڏسي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32.8 ° C
32.8 °
32.8 °
23 %
3kmh
0 %
آچر
34 °
سُومر
34 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون