تازه ترين

غزه ۾ عارضي جنگبندي جي پنجين ڏينهن حماس 12 يرغمالي جڏهن ته اسرائيل 30 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو

غزه ۾ عارضي جنگبندي جي پنجين ڏينهن حماس 12 يرغمالي جڏهن ته اسرائيل 30 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب حماس جي القسام برگيڊ طرفان عارضي جنگبندي جي پنجين ڏينهن 10 اسرائيلي ۽ 2 پرڏيهين سميت 12 يرغمالين کي آزاد ڪري ريڊ ڪراس حوالي ڪري ڇڏيو.

ٻئي طرف 12 يرغمالين جي آزادي جي بدلي ۾ اسرائيل اوفر جيل مان وڌيڪ 30 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو، جن ۾ 15 عورتون ۽ 15 مرد شامل آهن.

حماس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آزاد ڪيل فلسطيني قيدين ٻڌايو ته اسرائيل جو ساڻن رويو وحشياڻو هو.

واضح رهي ته غزه ۾ حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ دوران عارضي جنگبندي جي 4 ڏينهن دوران هن وقت تائين 50 اسرائيلي ۽ 150 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪيو ويو آهي.

7 آڪٽوبر کان وٺي اسرائيلي حملن ۾ مارجي ويل فلسطينين جو انگ 15 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته اسرائيلي بمباري سبب تباهه ٿيل عمارتن جي ملبي مان 160 لاش هٿ ڪيا ويا آهن…….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
105,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
10.1 ° C
10.1 °
10.1 °
24 %
2.5kmh
88 %
اربع
9 °
خميس
12 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
12 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون