تازه ترين

نگران وڏي وزير مقبول باقر پاران سول اسپتال حيدرآباد جو دورو

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر پاران سول اسپتال حيدرآباد جو دورو  ڪيو ويو.

دوري دوران نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر او پي ڊي ۾ مريضن سان ملاقات ڪئي ۽ ڊائيلاسز يونٽ ۾ صفائي سٿرائي نه هئڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سرجيڪل ۽ ميڊيڪل آءِ سي يو جو به دورو ڪيو.

نگران وڏي وزير پاران فارميسي ۾ صفائي نه هئڻ تي ايم ايس کي ڇنڊ پٽي.

جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جو چوڻ هو ته 6 آپريشن ٿيٽرز ۾ ڪوبه آپريشن نه ٿي رهيو آهي، جڏهن ته لسٽ ۾ مريض ويٽنگ تي آهن.

نگران وڏي وزير ڊائلاسز ۽ واش روم گندا هجڻ تي ڪاوڙ جو اظهار  ڪيو ۽ ڊي جي هيلٿ کي هر يونٽ جي انسپيڪشن ڪرائڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون .

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
105,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
10.1 ° C
10.1 °
10.1 °
24 %
2.5kmh
88 %
اربع
9 °
خميس
12 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
12 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون