تازه ترين

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر حيدرآباد جي مختلف علائقن جو دورو

- Advertisement -
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر حيدرآباد جي مختلف علائقن جو دورو ڪري کاتن کي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر طرفان ٻئي ڏينهن به حيدرآباد جي مختلف علائقن جا دورا ڪيا. نگران وڏي وزير سول اسپتال حيدرآباد جو دورو ڪري پيٿولاجي کاتي، مرڪزي فارميسي ۽ ميڊيڪل اسٽور جو  معائنو ڪيو. جسٽس رٽائرڊ مقبول باقي ڊي ايڇ او لال جعفر سان دوري ۽ انسپيڪشن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. نگران وڏي وزير ،آبپاشي واري وزير ايشور لال سان گڏ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآبد جو دورو ڪيو. ان موقعي تي يونيورسٽي جي وڏي وڏي وزير کي ٻڌايو ته ڪاليج آڏو ڦليلي ڪئنال تي ريٽننگ وال ٺاهي وڃي، جنهن تي وڏي وزير آبپاشي کاتي پندرهن ڏينهن اندر ريٽننگ وال بئاڻ جي هدايت ڪئي. نگران وڏي وزير، آبپاشي واري وزير سان گڏ نئين ڪيمپس جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکيو. جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ڦليلي ڪئنال جو دورو ڪيو، جتي نگران صوبائي وزير ايشور لال سندس آجيان ڪئي. آبپاشي کاتي طرفان وڏي وزير کي ڦليلي ڪئنال بابت بريفنگ ڏني وئي. نگران وڏي وزير گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي واڏري هنڌ ڦليلي ڪئنال تي پل تعمير ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ڀائي داس لائبريري جو دورو پڻ دورو ڪيو ۽ اتي نصاب ڪتابن جو معائنو ڪيو. نگران وڏي وزير لائبريري ۾ سيپيج ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. نگران وڏي وزير قاسم آباد ۾ بزنس فورم جي آفيس پهچي واپارين سان گڏجاڻي ڪئي، جنهن دوران ڪاروبار ۽ ملڪيتن بابت کيس بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي واپاري وڏي وزير کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو. جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر قدم گاهه مولا علي عليه السلام تي حاضري ڀري. نگران وڏي وزير امام حسين عه جي روزي مبارڪ ۽ ڪوفي جي مسجد جي ٽائلز جو ديدار به ڪيو. ان موقعي تي نگران وڏي وزير سنڌ ۽ ملڪ جي خوشحالي توڙي امن امان لاءِ دعا پڻ گهري.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
25.1 ° C
25.1 °
25.1 °
47 %
2.7kmh
53 %
اڱارو
25 °
اربع
30 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
32 °

تازه ترين خبرون