تازه ترين

اسلام آباد هائيڪورٽ، ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي سزا ڪالعدم قرار

- Advertisement -
اسلام آباد هائيڪورٽ، ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي سزا ڪالعدم قرار ڏيندي کيس بري ڪري ڇڏيو آهي، نوازشريف جو چوڻ آهي ته سمورا معاملا الله پاڪ تي ڇڏيا هئا، ان ئي سرخرو ڪيو، جنهن تي شڪر ادا ڪري ٿو. اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ ايون فليڊ ريفرنس ۽ العزيزيا ريفرنس ۾ سزا خلاف نوازشريف جي اپيل تي ٻڌڻي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪئي. اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف پنهنجي ليگل ٽيم سان گڏ پيش ٿيو. نوازشريف جي وڪيل امجد پرويز دليل ڏيندي چيو ته نوازشريف جي شريڪ جوابدارن مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي بري ڪيو. امجد پرويز نيب آرڊيننس جون مختلف شقون پڙهيون ۽ چيو ته نيب آرڊيننس ۾ بنا نالي واري لفظ تعريف ڪئي وئي  آهي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته سندس خيال ۾ سزا معطلي به ان ئي بنياد تي ٿي هئي. ٻڌڻي دوران نيب فليگ شپ ريفرنس ۾ نوازشريف جي بريت خلاف اپيل ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ سزا وڌائڻ جي اپلي ڪئي. نوازشريف جي وڪيل چيو ته نيب کي ثابت ڪرڻو هو ته نوازشريف ملڪيتن جي خريداريءَ لاءِ ادائيگي ڪئي، نه زباني نه ئي دستاويزي ثبوت آهي ته اهي ملڪيتون ڪڏهن نوازشريف جي ملڪيت رهيون هجن. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا اهو سمورو ڪم پراسيڪيوشن جو آهي؟  امجد پرويز چيو ته ها بلڪل اهو پراسيڪيوشن کي ثابت ڪرڻو پوندو. امجد پرويز چيو ته اسلام آباد هائيڪورٽ احتساب عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي مريم نواز کي بري ڪيو هو. عدالت امجد پرويز جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد مختصر فيصلو ٻڌايو. اسلام آباد هائيڪورٽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي سزا ڪالعدم قرار ڏيندي کيس بري ڪري ڇڏيو. ڪيس مان بري ٿيڻ بعد اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف چيو ته سمورا معاملا الله پاڪ تي ڇڏيا هئا، ان ئي سرخرو ڪيو، جنهن تي شڪر ادا ڪري ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
53 %
1.6kmh
0 %
اڱارو
24 °
اربع
30 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون