- Advertisement -
ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ زال ۽ ٽن ٻارن جي قتل جي واردات ۾ مبينا طور مڙس ملوث نڪتو، پوليس جو چوڻ آهي ته سهري جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جوابدار نشي جو عادي آهي ۽ بيانن ۾ به فرق آهي.
گلستان جوهر بلاڪ 5 واري علائقي شير محمد بلوچ ڳوٺ ويجهو گهر مان هڪ ئي خاندان جي 4 ڀاتين جا لاش مليا.
پوليس جو چوڻ آهي ته گلستان جوهر بلاڪ 5 شير محمد ڳوٺ ۾ گھر مان عورت ۽ سندس ٽن پٽن جا لاش مليا آهن جن کي تيز ڌار واري اوزار سان قتل ڪيو ويو.
پوليس موجب مقتول عورت جي سڃاڻپ صائمه طور ٿي جڏهن ته ٻارن ۾ 7 ورهين جو شاهزين، 8 سالن جو اشهد ۽ 2 ورهين جو احد شامل آهن جن جا مڙهه جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جو مڙس ڪيبل جو ڪم ڪندو آهي ۽ نشي جو عادي آهي، کيس حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تان شاهديون پڻ گڏ ڪيون آهن، جلد حقيقتون سامهون اچي وينديون.
گلستان جوهر واري علائقي ۾ زال ۽ ٽن ٻارن جي قتل جي واردات ۾ مبينا طور مڙس ملوث نڪتو.
پوليس جو چوڻ آهي ته سهري جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جوابدار نشي جو عادي آهي ۽ بيانن ۾ به فرق آهي.
پوليس موجب، گرفتار جوابدار بيان به بدلائي رهيو آهي ۽ 5 سالن کان نشي جو به عادي آهي، واقعي واري هنڌ تان قتل ۾ استعمال ٿيل اوزار هٿ ناهي ٿي سگهيو جاچ جاري آهي.- Advertisement -
