- Advertisement -
لاڙڪاڻي جي علائقي گهاڙ واهه ۾ پوليس هٿان مبينا طور سڙي زخمي ٿيل نوجوان فوت ٿي جڏهن ته وارثن پاران عبدالمجيد جتوئي جو لاش جناح باغ چوڪ تي رکي احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو هنيو ويو.
3 ڏينهن اڳ علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد گھاڙ واھه واري علائقي ۾ پوليس اهلڪارن هٿان مبينا طور سڙي زخمي ٿيل 20 ورهين جو عبدالمجيد عرف ھمير جتوئي گذريل ڏينهن ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو هو.
وارثن پاران نوجوان جو لاش جناح باغ چوڪ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي.
فوتي جي وارثن مامي سڌير احمد جتوئي، راحب علي جتوئي، حاجي مدد عرف رحيم بخش جتوئي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هڻندي چيو ته ٽي ڏينهن اڳ ون فاءِ انچارج ممتاز سيال، اصغر شر، عمران ميراڻي ۽ ٻين عبدالمجيد عرف همير جتوئي جي گهر مٿان چڙهائي ڪري ڀڃڊاهه ڪرڻ بعد پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو هو.
هنن چيو ته نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي اسپتال داخل ڪرايو ويو هو جتي هن گذريل ڏينهن دم ڌڻي حوالي ڪيو هو.
احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي.
ايس پي لاڙڪاڻو عبدالرحيم شيرازي نوٽيس وٺي اي ايس پي سٽي عاطف امير کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو ھو.
رابطو ڪرڻ تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته واقعي جي جاچ مڪمل ڪئي آهي ٻن ڏينهن ۾ ايس ايس پي کي رپورٽ ڏني ويندي.- Advertisement -
