تازه ترين

زمبابوي آئوٽ، يوگنڊا پهريون ڀيرو مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

- Advertisement -
زمبابوي آئوٽ، يوگنڊا پهريون ڀيرو مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. افريڪي ملڪ يوگنڊا آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2024 لاءِ ڪواليفاءِ ڪري نئين تاريخ لکي ڇڏي . آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 جي لاءِ ڪواليفاءِ ۾ يوگنڊا روانڊا کي شڪست ڏئي ايندڙ سال ويسٽ انڊيز ۽ امريڪا ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي جاءِ پڪي ڪري ورتي. ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي افريڪا ريجن  ڪواليفائر ۾ خميس جي ڏينهن يوگنڊا جي ٽيم روانڊا کي آساني سان 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پوائنٽس ٽيبل تي ٻي پوزيشن حاصل ڪندي پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. افريڪا ريجن ڪواليفائر جي ٽاپ ٻن ٽيمن کي ايندڙ سال ٽي ٽوئٽي ورلڊ ڪپ کيڏڻو هو، يوگنڊا کان اڳ نميبيا گروپ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندي ٽي ٽوئنٽي ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي پڪي ڪري چڪي هئي . گونڊا جي ڪواليفاءِ ڪرڻ بعد افريڪا ريجن ڪواليفائر ۾ شامل زمبابوي جي ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 ۾ ڪواليفاءِ ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ ٻاهر ٿي وئي. واضح رهي ته 2024 ۾ ٿيندڙ ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ان فارميٽ جو نئون ٽورنامينٽ هوندو جنهن جي ميزباني ويسٽ انڊيز ۽ امريڪا ڪندا، ان ايونٽ ۾ 20 ٽيمون شامل هونديون جن کي پنج پنج ٽيمن جي چئن گروپس ۾ ورهايو ويندو، هر گروپ مان ٽاپ 2 ٽيمون سپر 8 جي لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون ان بعد 4-4 ٽيمن جي ٻن گروپس مان ٽاپ ٻه ٽيمون سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهينديون، ايونٽ 4 جون کان  30 جون تائين کيڏيو ويندو …
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.2 ° C
31.2 °
31.2 °
7 %
6.9kmh
0 %
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون