- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن پاران ڊجيٽل آدمشماري تحت ملڪ ۾ تڪبندين جي قطعي لسٽ جاري ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ستين آدمشماري جي نتيجن جي بنياد تي تڪبندين جي حمتي لسٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن موجب قومي اسيمبلي جي سيٽن جو انگ 266 ٿي ويو آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب سنڌ ۾ قومي اسيمبلي جون سيٽون 61 ۽ صوبائي اسيمبلي جون سيٽون 130 ٿي ويون آهن.
پنجاب ۾ قومي اسيمبلي جون سيٽون 141 ۽ صوبائي سيٽون اسيمبلي جون سيٽون 297، بلوچستان ۾ قومي اسيمبلي جون سيٽون 16 ۽ 51 صوبائي اسيمبلي جون سيٽون هونديون.
اليڪشن ڪميشن موجب ملڪ جي گادي واري هنڌ اسلام آباد جون 3 سيٽون ۽ ڪي پي ۾ قومي اسيمبلي جون 45 ۽ صوبائي اسيمبلي جون 115 سيٽون هونديون.
جاري نوٽيفڪشن موجب ڪيل تڪبندين ۾ خيبرپختونواه جون 12 سٽين مان گهٽجي 6 ٿي ويون آهن.
نوٽيفڪيشن موجب ملير، ڪراچي اوڀر ۽ ڪراچي سينٽرل جي صوبائي اسيمبلي جي هڪ هڪ سيٽ ۾ اضافو ٿي ويو آهي، ملير جون صوبائي سيٽون 5 مان وڌي 6، ڪراچي اوڀر جون 8 مان وڌي 9 ۽ ڪراچي سينٽرل جون 8 مان 9 سيٽون ٿي ويون.
نوٽيفڪيشن موجب خيرپور جي صوبائي اسيمبلي جون 7 مان سيٽون گهٽجي 6 مان گهٽجي 5، ۽ ٺٽي ۾ صوبائي ٽن سيٽن مان گهٽجي 2 ٿي ويون.
ميرپور ساڪري جي تڪ کي بحال ڪري گهوڙا ٻاري تڪ جو اڌ حصو ساڪري تڪ ۽ اڌ حصو ٺٽي تڪ ۾ شامل ڪري گهوڙا ٻاري تڪ کي ختم ڪيو ويو آهي.
نئين تڪبندين بعد سانگهڙ جي قومي اسيمبلي جي ٽن سيٽن مان هڪ سيٽ گهٽجي ٻه ٿي ويو آهن.- Advertisement -
