تازه ترين

ڪوئيٽا مان جلسي تان واپس ايندڙ جيالن سان شڪارپور ۾ حادثو، 5 ڄڻا فوت

- Advertisement -
شڪارپور ۾ تيز رفتار کاهي ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ پ پ تعلقه نوشهرو فيروز جي صدر سميت 5 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، فوتين جا مڙهه گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو. باءِ پاس جِنو لنڪ روڊ  وٽ پيپلزپارٽي جي ڪوئيٽا واري جي جلسي ۾ شرڪت کانپوءِ نوشهروفيروز ويندڙ ڪار تيز رفتاري سبب ڀت سان ٽڪرائجڻ کانپوءِ کاهيءَ ۾ ڪري پئي. حادثي جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار پنج ڄڻا فوت ٿي ويا. پوليس ۽ ايڌي رضاڪارن واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش کڻائي سول اسپتال شڪارپور پهچايا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. حادثي ۾ فوت ٿيلن جو تعلق نوشهرو فيروز سان ٻڌايو پيو وڃي. فوتين ۾ پ پ نوشهرو فيروز تعلقي جو صدر خليفه شيڪل ميمڻ، پيپلز يوٿ تعلقه صدر مير نادر چانڊيو، حاجي ڳھڻو خان ٽڳڙ، مظفر ڀٽو ۽ رضوان احمد سومرو شامل آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري ۽ ڪوهيڙي سبب پيش آيو آهي. حادثي ۾ فوت ٿيلن جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
53 %
1.6kmh
0 %
اڱارو
24 °
اربع
30 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون