تازه ترين

قوم کي چوان ٿو ڪڏهن اسان فقيرن جو به چوڻ مڃيو : مولانا فضل الرحمان

- Advertisement -
جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هو قوم کي چئي ٿو ته ڪڏهن هنن فقيرن  جو به چوڻ مڃيو صرف سنڌ ۾ نه پر پاڪستان جي سياست ۾ تبديلي آڻينداسين. لاڙڪاڻي  جي ميونسپل اسٽيڊيم ۾ جميعت علماءِ اسلام جي اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي نائين ورسي جي موقعي تي شهداءِ اسلام ڪانفرنس ۽ طوفان الاقصيٰ ڪانفرنس جي موقعي تي خطاب ڪندي  مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته 75 سالن تائين ملڪ ۾ غلط قيادت کي چونڊيو ويو پر اڄ مستقبل سنوارڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته جڏهن پرويز مشرف نيب ٺاهي هئي ته ان وقت ئي چيو هو ته اهو سياسي انتقام جو ادارو آهي ۽ 18 هين ترميم جي وقت به پارليامينٽ ۾ چيو هو ته نيب کي ختم ڪيو. هن چيو ته نواز شريف جي خلاف سپريم ڪورٽ جي چوڻ تي ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ هاڻي وري نيب چيو ته وٽس ڪي ثبوت ناهن، نيب جو چهرو بي نقاب ٿي پيو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته هنن ان وقت به چيو هو ته ملڪ ۾ يهودي لابي کي آندو پيو وڃي، ان لابي نوجوانن کي گهمراهه ڪيو. جي يو آءِ سربراهه چيو ته پاڪستان جو ٻچو ٻچو غزا جي مسلمانن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، هو غزا جي ڀائرن کي اڪيلو نه ڇڏيندا. ن ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ چيو ته سنڌ جا ماڻهو گذريل 15 سالن کان تبديليءَ لاءِ تڙپي رهيا آهن، ايندڙ اليڪشن ۾ وڏا بت ڪرندا. بشير ميمڻ جو چوڻ هو ته 2018ع جي چونڊن ۾ پيپلزپارٽي 38 لک ووٽ کنيا ۽ 62لک ووٽ پ پ جي مخالف پارٽين کنيا، هو  ايندڙ اليڪشن ۾ گڏجي پ پ جو مقابلو ڪندا. ايم ڪيو ايم اڳواڻ سيد وسيم حسين چيو ته پيپلزپارٽي  15 سالن دوران عوام کي ڪا به سهولت نه ڏني، هر ڳوٺ ۽ شهر کي تباهه ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم اڳواڻ سيد وسيم حسين جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي نه آهي، 12 -12 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي جو چوڻ هو ته لاڙڪاڻي مان هڪ چڻنگ عوامي اتحاد جي نالي سان ٻاري هئي جنهن کي معظم علي عباسي ۽ مولانا راشد محمود سومري سڄي سنڌ ۾ پکيڙي ڇڏيو آهي. صفدر علي عباسي چيو ته سنڌ ۾ ن ليگ، جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ سميت ٻين پارٽين سان گڏجي اتحاد ٺاهيو پيو وڃي، سندن اتحاد 15 سالن کان خراب حڪمراني کي ٽوڙيندو ۽ شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي خون سان انصاف ٿيندو . ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مولانا ناصر محمود سومري چيو ته 10 سال گذرڻ باوجود شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي خون سان انصاف نه ٿي سگهيو آهي. هن چيو ته قاتلن کي گرفتار ڪرائي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ آندو آهي، انشاءُ الله قاتلن کي ڦاهي جي سزا ملندي، جي يو آءِ جا ڪارڪن ڪنهن به قيمت تي قاتلن کي معاف ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. مولانا ناصر محمود سومري چيو ته جيڪڏهن هن ڀيري ووٽ چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته دمادم مست قلندر ٿيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
54 %
1.1kmh
0 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون