- Advertisement -
حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ قطر ۽ مصر ٽياڪڙي ۾ ٿيندڙ عارضي جنگبندي جي ستين ڏهاڙي حماس وڌيڪ 8 اسرائيلين کي آزاد ڪري ڇڏيو.
غير ملڪي خابرو اداري موجب حماس پهريان فرانس جي ٻٽي شهريت رکندڙ 21 ورهين جي ناري ۽ 40 ورهين جي عورت کي آزاد ڪيو جنهن بعد 2 ٻارن ۽ چئن عورتن سميت وڌيڪ ڇهن اسرائيلين کي ريڊ ڪراس جي حوالي ڪيو.
حماس طرفان وڌيڪ 8 اسرائيلي قيدي آزاد ڪرڻ کانپوءِ اسرائيل کي به 30 فلسطيني قيدي آزاد ڪرڻا پيا.
يهودي جيل مان آزادي ماڻيندڙ فلسطينين ۾ 23 ٻار ۽ 7 عورتون شامل آهن.- Advertisement -
