- Advertisement -
سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي سڏ تي سڄي سنڌ ثقافت جي انڊلٺي رنگن ۾ رڱجي وئي، سڀاڻي سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو مظلوم نياڻين سان ساٿ جو وچن جي سِري هيٺ ملهائڻ لاءِ هر پاسي ثقافتي رنگ جرڪي پيا آهن.
سنڌ جيان پرڏيهه ۾رهندڙ سنڌي به ثقافتي رنگن ۾رڱجي ويا آهن.
سعودي عرب جي شهر جدي ۾ ڪامريڊ طارق ڀرڳڙي، سردار عامر خشڪ، ياسين کوسو، محمد بخش لنڊ، احمد جمالي، رئيس بلوچ، عامر بخش، جمن بلوچ، عبدالحميد مگسي، شوڪت لنڊ پاران ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي.
سعودي عرب ۾ رهندڙ سنڌين ثقافتي ويس پهري وڏي انگ ۾تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
پروگرام ۾ فنڪار مير ساريو ۽ عباس سيال قومي گيت گائي محفل کي جهومائي ڇڏيو.
ان موقعي تي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته سنڌي شاهوڪار ثقافت جا مالڪ آهن، هو پنهنجي ديس کان پري رهي ڪري به ثقافتي پروگرام ڪوٺائي پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪري رهيا آھن.
هنن چيو ته سنڌ ٽي وي نيوز پرڏيهه ۾رهندڙ سنڌين جو آواز آهي.
تقريب جي پڃاڻي تي ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.
قطر جي راڄڌاني دوحا ۾ به سنڌي نوجوانن پاران ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي.
الهه بخش سهتو، امتياز سولنگي، ظفر سولنگي، سميع الله ڪوريجو، علي حيدر ڪوريجو، زبير پٺاڻ ۽ ٻين نوجوانن پاران ڪتارا بيچ تي ٻيڙي ۾ ثقافتي پروگرام منعقد ڪيو ويو.- Advertisement -
