سپريم ڪورٽ، پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين جي خط تي پڌرائي جاري ڪري ڇڏي آهي.
سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي پنهنجي آئيني ذميوارين جو احساس آهي، سڀ ماڻهو يقين رکن ته نه مٿس دٻاءُ وجهي سگهجي ٿو نه ئي هو ڌر بڻجندو.
بيان ۾ چيو ويو ته چيف جسٽس پنهنجي قسم موجب فرض سرانجام ڏيندو رهندو، پهرين ڊسمبر تي ستن صفحن تي ٻڌل هڪ درخواست ملي، پر دستاويز تيار ڪندڙ واري وڪيل جو نالو ۽ رابطي جا تفصيل نه ڏنا ويا، لفافي موجب دستاويز انتظار حسين پنجوٿا موڪلي هئي.
پڌرائي ۾ چيو ويو ته دستاويز ظاهري طور هڪ سياسي پارٽيءَ طرفان موڪليو ويو، اها ڳالهه حيران ڪندڙ آهي ته لفافو ملڻ کان اڳ دستاويز ميڊيا کي ڪيئن جاري ڪيو ويو؟