تازه ترين

غزا ۾ ستن ڏينهن جي جنگبندي ختم ٿيڻ کانپوءِ اڄ ٻئي ڏينهن به اسرائيلي حملا جاري

- Advertisement -
غزا ۾ ستن ڏينهن جي جنگبندي ختم ٿيڻ کانپوءِ اڄ ٻئي ڏينهن به اسرائيلي حملا جاري آهن، يهودي فوج جي غزا تي بمباري ۾ ٽن صحافين سميت 240 فلسطيني شهيد ۽ 650 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. غير ملڪي ميڊيا موجب، وچ غزا، اولهه ۽ ڏکڻ جي علائقن ۾ تقريبن 200 هنڌن تي بمباري ڪئي جڏهن ته خان يونس ۽ جباليه کي نشانو بڻايو جتي ڪيترائي گهر ڊهي پٽ ٿي ويا. جنگبندي ختم ٿيڻ بعد اسرائيلي جهازن طرفان بمباري ۽ توپ خاني سان گولا باري جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار به نشانو بڻجي رهيا آهن. غير ملڪي ميڊيا موجب مختل علائقن ۾ اسرائيلي فوج ۽ حماس ويڙهاڪن ۾ چڪريون جاري آهن. صحافين جي عالمي تنظيم ڪميٽي ٽو پراٽيڪٽ جرنلسٽس پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته غزا جنگ ۾ هن وقت تائين 61 صحافي مارجي چڪا آهن. يونيسيف جو چوڻ آهي ته غزا سڄي دنيا ۾ ٻارن لاءِ سڀ کان خطرناڪ جاءِ بڻجي چڪو آهي غزا ۾ ستن ڏينهن جي جنگبندي خوفناڪ خواب وچ ۾ ٻارن لاءِ اميد جي ڪرن هئي. يونيسيف چيو ته غزا ۾ ٻارن کي انساني بنيادن تي جٽادار جنگبندي جي ضرورت آهي، ڌريون ٻارن جي حفاظت ۽ مدد کي يقيني بڻائن. يونيسيف جو چوڻ آهي ته عالمي انساني قانون موجب فلسطين ۽ اسرائيل جا سمورا ٻار امن ۽ بهتر مستقبل جا حقدار آهن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.6 ° C
31.6 °
31.6 °
28 %
3.7kmh
9 %
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
34 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون