غزا ۾ ستن ڏينهن جي جنگبندي ختم ٿيڻ کانپوءِ اڄ ٻئي ڏينهن به اسرائيلي حملا جاري آهن، يهودي فوج جي غزا تي بمباري ۾ ٽن صحافين سميت 240 فلسطيني شهيد ۽ 650 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
غير ملڪي ميڊيا موجب، وچ غزا، اولهه ۽ ڏکڻ جي علائقن ۾ تقريبن 200 هنڌن تي بمباري ڪئي جڏهن ته خان يونس ۽ جباليه کي نشانو بڻايو جتي ڪيترائي گهر ڊهي پٽ ٿي ويا.
جنگبندي ختم ٿيڻ بعد اسرائيلي جهازن طرفان بمباري ۽ توپ خاني سان گولا باري جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار به نشانو بڻجي رهيا آهن.
غير ملڪي ميڊيا موجب مختل علائقن ۾ اسرائيلي فوج ۽ حماس ويڙهاڪن ۾ چڪريون جاري آهن.
صحافين جي عالمي تنظيم ڪميٽي ٽو پراٽيڪٽ جرنلسٽس پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته غزا جنگ ۾ هن وقت تائين 61 صحافي مارجي چڪا آهن.
يونيسيف جو چوڻ آهي ته غزا سڄي دنيا ۾ ٻارن لاءِ سڀ کان خطرناڪ جاءِ بڻجي چڪو آهي غزا ۾ ستن ڏينهن جي جنگبندي خوفناڪ خواب وچ ۾ ٻارن لاءِ اميد جي ڪرن هئي.
يونيسيف چيو ته غزا ۾ ٻارن کي انساني بنيادن تي جٽادار جنگبندي جي ضرورت آهي، ڌريون ٻارن جي حفاظت ۽ مدد کي يقيني بڻائن.
يونيسيف جو چوڻ آهي ته عالمي انساني قانون موجب فلسطين ۽ اسرائيل جا سمورا ٻار امن ۽ بهتر مستقبل جا حقدار آهن