تازه ترين

نوازشريف انتظاميا نه پر پنهنجي ٻــَلهه تي اليڪشن وڙهيِ  ۽ ووٽ کي عزت ڏياري: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نوازشريف انتظاميا نه پر پنهنجي ٻــَلهه تي اليڪشن وڙهيِ  ۽ ووٽ کي عزت ڏياري، ادارن جيان سياستدانن کي به پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو، ملڪ ۾ نئين سياست آڻڻ جو وقت آهي، دشمنيءَ جي سياست پاڪستان ۽ عوام لاءِ سٺي ناهي،  ارڙهين ترميم جو فائدو ملڪ جي عوام کي ٿيو،  ارڙهين ترميم تي اڃا تائين صحيح عمل ناهي ٿيو، اسلام آباد ۾ ويٺلن کي عوام جي مسئلن جي خبر ناهي، هو عوام جو لاڏلو بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، 8 فيبروري تي دنيا کي سٺو سپرائيز ڏيندا.

ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته بادشاهه ٿي ايندا، درٻار ۾ سڀني جي حاضري لڳائي اليڪشن جو ماحول ٺاهيندا، پر ڪوششن باوجود ماحول نه پيو ٺهيَ، هو پنهنجي گهر پنجاب ۾ آنن ۽ ٽماٽن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هن چيو ته سياسي پارٽيون ڊليور ڪري ئي پنهنجو مقام حاصل ڪري سگهن ٿيون.

پ پ چيئرمين چيو ته هر اليڪشن ۾ ڪجهه ماڻهو اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته سندن حڪومت اچي رهي آهي، پر عوام انهن کي بهترين جواب ڏيندو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نيب پنهنجو ڪم ڪري، هنن اڳ به ڏٺو آهي هاڻي به ڏسندا، ادارن جيان سياستدانن کي به پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو، ميان صاحب کي درخواست آهي ته ووٽ کي عزت ڏياري ان جي بيعزتي نه  ڪري.

پ پ چيئرمين چيو ته ماضيءَ ۾ ادارن کي ٽائيگر فورس بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،  پاڪستان جي تاريخ ۾ سليڪٽيڊ حڪومتون ناڪام رهيون، پ پ واحد پارٽي آهي جيڪا سڀني کي گڏ کڻي هلي ٿي، وقت اچي ويو آهي ته ناڪاري سياست بدران هاڪاري سياست شروع ڪئي وڃي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ارڙهين ترميم جو فائدو ملڪ جي عوام کي ٿيو،  ارڙهين ترميم تي اڃا تائين صحيح عمل ناهي ٿيو، اسلام آباد ۾ ويٺلن کي عوام جي مسئلن جي خبر ناهي.

پ پ چيئرمين  چيو ته ٻين پارٽين طرفان ليول پليئنگ فيلڊ جو مطالبو حالتن موجب آهي، سندن شروع کان ئي مطالبو آهي ته سڀني لاءِ ليول پليئنگ فيلڊ هجي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾ نئين سياست آڻڻ جو وقت آهي، دشمنيءَ جي سياست پاڪستان ۽ عوام لاءِ سٺي ناهي، هنن ڪڏهن به ورهائڻ، نفرت، گارگند جي سياست ناهي ڪئي.

پ پ چيئرمين چيو ته هو عوام جو لاڏلو بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، 8 فيبروري تي دنيا کي سٺو سپرائيز ڏيندا.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو آهي ته چمن ۾ احتجاج ڪندڙن سان ملي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
10.1 ° C
10.1 °
10.1 °
42 %
0.4kmh
23 %
اڱارو
10 °
اربع
12 °
خميس
14 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون