- Advertisement -
پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ سميت سڄي ملڪ جي عوام کي سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جون واڌايون ڏيندي چيو آهي ته ثقافت سندن معاشري جو حسن ۽ دنيا لاءِ سندن قومي ٻڌيءَ جو بي مثال ثبوت آهي، بامقصد ثقافتي سرگرميون سماج ۾ نفرت، ورهائڻ ۽ انتهاپسندي لاءِ موت آهن.
جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ جي ثقافت دنيا جي قديم ۽ خوبصورت تهذيبن مان هڪ آهي، جنهن جو مرڪز موهن جو دڙو آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جا ماڻهو تاريخي طور پرامن، ڀائيچارو پسند ۽ محب وطن هجڻ سان گڏو گڏ فن ۽ فطرت سان محبت ڪندڙ رهيا آهن.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ثقافت سندن معاشري جو حسن ۽ دنيا لاءِ سندن قومي ٻڌيءَ جو بي مثال ثبوت آهي، بامقصد ثقافتي سرگرميون سماج ۾ نفرت، ورهائڻ ۽ انتهاپسندي لاءِ موت آهن.
هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي سمورين ثقافتن کي برابري واري اهميت ۽ درجو ڏيڻ ۾ يقين رکي ٿي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پنهنجي فخر جوڳي قديم تهذيب ۽ خوبصورت ثقافت کي دنيا ۾ عالمي سطح تي اجاگر ڪري پاڪستان جو هاڪاري چهرو پيش ڪرڻ پاڪستان پيپلزپارٽي جو منشور آهي………- Advertisement -
