تازه ترين

پي ٽي آءِ جي باني اڳواڻ اڪبر ايس بابر پارٽيءَ جي انٽرا پارٽي اليڪشن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
پي ٽي آءِ جي باني اڳواڻ اڪبر ايس بابر پارٽيءَ جي انٽرا پارٽي اليڪشن چئلينج ڪندي پارٽي اليڪشن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي. اڪبر ايس بابر  اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن خلاف باضابطا درخواست داخل ڪرائي. چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي ٽن صفحن تي ٻڌل درخواست ۾ اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 208 جو حوالو ڏنو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ اليڪشن رڳو ڏيکاءُ ۽  اليڪشن ڪميشن کي دوکو ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش هئي،  چونڊ عمل ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن کي ووٽ ڏيڻ ۽ حصو وٺڻ کان محروم رکيو ويو. داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ايڪٽ 217 جي سيڪشن 208 جي ذيلي شق 2 جي ڀڃڪڙي آهي. اڪبر ايس بابر درخواست سان گڏ وڊيو فوٽيجز ۽ ٻيون شاهديون به اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايون. درخواست ۾ چيو ويو ته ٽيهه نومبر 2023ع تي پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽيءَ جي پريس رليز ۾ 2 ڊسمبر تي انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو، نياز الله نيازي کي چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو ويو، وفاقي سطح تي ڪميشن جي ڪنهن ٻئي عهديدار جو نالو نه ٻڌايو ويو. اڪبر ايس بابر چيو ته اليڪشن ضابن، شيڊيول، نامزدگي ڪاغذن جو وقت توڙي طريقيڪار نه ٻڌايو ويو، 2 ڊسمبر تائين چونڊن بابت ڪنهن به قسم جي ڄاڻ پي ٽي آءِ جي ويب سائٽ تي موجود نه هئي. درخواست ۾ اڪبر ايس بابر درخواست ڪئي ته سياسي پارٽين ۾ جعلي انٽرا پارٽي اليڪشن واري عمل کي ختم ڪيو وڃي، سمورين وڏين پارٽين کي چونڊ قانون ۽ ضابطن جو پابند بڻايو وڃي ۽ شفاف انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ تائين پي ٽي آءِ کي چونڊ نشان بيٽ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. اڪبر ايس بابر درخواست ۾ اپيل ڪئي ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن ڪالعدم قرار ڏئي نئين اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
39 %
2kmh
12 %
اڱارو
28 °
اربع
32 °
خميس
34 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون