- Advertisement -
سوئي ناردرن گيس وڌيڪ 137 ڏهائي 62 سيڪڙو مهانگي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪرائي آهي.
سوئي ناردرن گيس 17 سئو 15 رپيا في ايم ايم بي يو ٽي مهانگي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪرائي.
سوئي ناردرن طرفان گيس جي اگهن ۾ اضافو پهرين جولاءِ 2023ع کان گهريو ويو آهي، درخواست 24-2023ع جي آمدني ضرورتن ۾ گهٽتائي کي پورو ڪرڻ لاءِ داخل ڪرائي وئي.
درخواست ۾ چيو ويو ته مالي سال 24-2023ع لاءِ 181 ارب 51 ڪروڙ 60 لک رپين جي گهٽتائي جو ڪاٿو آهي.
سوئي ناردرن گيس جي قميت 29 سئو 61 رپيو 98 پيسا في ايم ايم بي يو ٽي مقرر ڪئي وڃي، موجوده قميت 12 سئو 46 رپيا 49 پيسا في ايم ايم بي ٽي يو آهي.
درخواست ۾ رهتن جي مد ۾ 12 سئو 9 رپيا 14 پيسا في ايم ايم بي ٽي يو اضافو گهريو ويو آهي.
اوگرا طرفان سوئي ناردرن جي درخواست تي ٻڌڻي 11 ڊسمبر تي ٿيندي.- Advertisement -
