- Advertisement -
اڳوڻي وزيراعظم ۽ پ پ اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ ڏيڻي پوندي، ن ليگ طرفان اشارون ۾ ڳالهيون ڪرڻ مناسب ناهي، پاڪستان ڪنهن هڪ پارٽي نه پر سڀني جو آهي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راجا پرويز اشرف چيو ته خواهش ۽ درخواست آهي ته هيءَ اليڪشن تڪراري نه ٿئي، سمورين سياسي پارٽين کي برابريءَ جي بنياد تي موقعو ڏيڻو پوندو.
هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ليول پليئنگ فيلڊ واري ڳالهه تي ڌيان ڏي، کيس ڪو به مونجهارو ناهي ته 8 فيبروري تي اليڪشن ٿيڻ گهرجي.
راجا پرويز اشرف چيو ته ڪنهن کي زبردستي روڪيو پيو وڃي ته جيئن اهي عدالتن ۾ وڃن.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اليڪشن ڪميشن کي هر صورت ۾ اڻڌريون رهڻو پوندو جيئن ڪو آڱر نه کڻي سگهي، پاڪستان ڪنهن هڪ پارٽي نه پر سڀني جو آهي.
راجا پرويز اشرف چيو ته دنيا ۾ پاڪستان واحد ملڪ آهي جتي نگران حڪومت هوندي آهي، ماڻهو چونڊن جي تياري ۾ مصروف آهن، چونڊيل حڪومت ئي ملڪ کي مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهي ٿي…- Advertisement -
