تازه ترين

اسرائيل کي سمجهڻ گهرجي ته قبضي جو دور ختم ٿي ويو آهي: قطري امير

- Advertisement -
قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني پنهنجي چيو آهي ته والاريل فلسطين جي قابض اختيارين سمورن انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، اسرائيل کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته قبضي جو دور ختم ٿي ويو آهي. دوحه ۾ گلف ڪو آپريشن ڪائونسل جي 44 هين اجلاس کي خطاب ڪندي قطر جي امير سلامتي ڪائونسل کان مطالبوڪيو ته اسرائيل کي ڳالهين جي ميز تي اوپس آندو وڃي، عارضي جنگ بندي مڪمل جنگ بندي جي متبادل نٿي ٿي سگھي. هن چيو ته والاريل فلسطين تي قبضو ڪندڙ انساني حقن قدرن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، تڪرار کي حل ڪرڻ بدران عالمي اڳواڻن شرمناڪ رويو اختيار ڪيو آهي. قطري جي امير وڌيڪ چيو ته اسرائيل کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته قبضي جو دور ختم ٿي ويو آهي، قطر غزه ۾ شهرين جي قتل جي مذمت ڪري ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.7 ° C
24.7 °
24.7 °
46 %
2.3kmh
44 %
جمعو
32 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °
سُومر
33 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون