- Advertisement -
مسلم ليگ نون جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته نواز شريف کي سزا هڪ مذاق آهي، سزا ڏيڻ واري گهر اچي معافي گهري، نواز شريف جون 2 اپيلون ٻڌڻي هيٺ هيون هڪ ۾ ضمانت ٿي چڪي آهي، نواز شريف چونڊ وڙهندو ۽ چوٿون ڀيرو وزيراعظم جي عهدي جو قسم کڻندو، شاهد خاقان عباسي ڪڏهن ناراضگي جو اظهار ناهي ڪيو، هن پنهنجي موقف سبب اليڪشن ۾ حصو نه وٺڻ جو چيو آهي، پارٽي شاهد خاقان عباسي کي ڪنهن معاملي ۾ پٺتي ناهي رکيو.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي سزا هڪ مذاق آهي، سزا ڏيڻ واري گهر اچي معافي گهري.
سندس چوڻ هو ته نواز شريف جون 2 اپيلون ٻڌڻي هيٺ هيون هڪ ۾ ضمانت ٿي چڪي آهي، نواز شريف چونڊ وڙهندو ۽ چوٿون ڀيرو وزيراعظم جي عهدي جو قسم کڻندو.
مسلم ليگ نون جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو ته نارووال ۾ پارٽي ميمبرن وچ ۾ ناراضگي هڪ تڪ جي سبب آهي، پارلياماني بورڊ ميرٽ تي تڪ ۾ ٽڪيٽ جو فيصلو ڪندو ته معاملو حل ٿي ويندو.
هن چيو ته شاهد خاقان عباسي ڪڏهن ناراضگي جو اظهار ناهي ڪيو، هن پنهنجي موقف سبب اليڪشن ۾ حصو نه وٺڻ جو چيو آهي.
مسلم ليگ نون جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو ته پارٽي شاهد خاقان عباسي کي ڪنهن معاملي ۾ پٺتي ناهي رکيو.- Advertisement -
