- Advertisement -
امريڪا، اولهه ڪناري ۾ فلسطينين تي حملن ۾ ملوث شدت پسند يهودي آبادڪارن جي ويزا تي پابندي لڳائي ڇڏي.
امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر اسرائيل کي ڪافي ڀيرا چيو آهي ته آبادڪارن کي ڪنٽرول ڪري، اولهه ڪناري جي سڪيورٽي کي سبوتاز ڪندڙ ۽ انهن جي خاندان جا گهر ڀاتي به پابندي جي زد ۾ هوندا.
هن چيو ته اولهه ڪناري ۾ استحڪام فلسطين ۽ اسرائيل ٻنهي جي ذميواري آهي، سيڪيورٽي تخريبڪارن کي ويزا نه ڏني ويندي.
ڀارت طرفان امريڪا ۾ سـِک اڳواڻ تي حملي جي سازش بابت سوالن جا جواب ڏيندي ميٿو ملر چيو ته، امريڪا معاملي کي انتهائي سنجيدگي سان ڏسي رهيو آهي، بلنڪن ڀارتي پرڏيهي وزير آڏو معاملو اٿاريو آهي، ڀارتي جاچ جا منتظر آهن.
سندس چوڻ هو ته ايجنسيز واقعي جي جاچ ڪري رهيون اهن، وڌيڪ ڳالهه ڪرڻ مناسب نه آهي، ڀارت کي چيو آهي ته ڪينيڊا ۾ قتل ٿيل سک اڳواڻ جي جاچ ۾ سهڪار ڪري.- Advertisement -
