تازه ترين

غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي ڪارروائي کي ٻه مهينا مڪمل ٿي ويا، 110 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي ڪارروائي کي ٻه مهينا مڪمل ٿي ويا، ديرالبلاح، خان يونس، نيصرات ۽ برج ڪيمپ تي اسرائيلي بمباري ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ 110 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا. 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين 7 هزار کان وڌيڪ ٻارن سميت فلسطيني شهيدن جو ڪل انگ 16 هزار 248 ٿي ويو جڏهن ته زخمين جو انگ 43 هزار 600 کان وڌي ويو آهي. اسرائيل جي انڌاڌنڌ بمباري جي نتيجي ۾ تباهه ٿيل عمارتن جي ملبي جي ڍيرن ۾ اڃا تائين 7 هزار کان وڌيڪ ماڻهو دٻيل هجڻ جو خدشو آهي. اسرائيلي فورسز شهر، رهائشي علائقن ۽ پناهگيرن جي ڪئمپن تي بمباري سميت ايمبولينسز تي به حملا ڪيا. فلسطيني اختيارين موجب اسرائيلي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر فاسفورس بمن جو استعمال ڪري رهي آهي. ٻئي طرف اسرائيلي فورسز خان يونس شهر کي مڪمل طور تي گهيري هيٺ آڻن جي دعوى ڪئي آهي. اسرائيلي فوج طرفان خان يونس ۾ فلسطينين کي علائقو خالي ڪرڻ جي وارننگ سان گڏ صحت واري عالمي اداري کي به ڏکڻ غزه جو گدام خالي ڪرڻ جي ڪرڻ جو الٽيميٽم ڏنو آهي. اسرائيلي حملن جي جواب ۾ خان يونس ۾ حماس طرفان اسرائيلي فوجين ۽ ٽينڪن تي راڪيٽ حملن ۾ وڌيڪ 10 اسرائيلي فوجي مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿي پيا. حماس جي دعويٰ موجب حملن ۾ اسرائيلي فوج جا ۾ 24 ٽينڪ به تباهه ٿي ويا. حماس، خان يونس ۾ اسرائيلي فوجين جي قبضي هيٺ عمارت کي ڌماڪي سان تباهه ڪري ڇڏيو، جڏهن ته تل ابيب ۽ عسقلان ۾ به راڪيٽ حملا ڪيا ويا. اسرائيلي فوج حماس جي جوابي حملي ۾ 2 ميجرن سميت 5 فوجين جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي. هوڏانهن ايمنسٽي انٽرنيشنل غزه ۾ آمريڪي ٺاهيل ڌماڪيدار مادو استعمال ٿيڻ جي انڪشاف کانپوءِ شهرين تي غير قانوني بمباري کي جنگي ڏوهه قرار ڏيڻ ۽ جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.7 ° C
24.7 °
24.7 °
46 %
2.3kmh
44 %
جمعو
32 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °
سُومر
33 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون