تازه ترين

ڪراچيءَ جي علائقي عائشه منزل ۾ فرنيچر جي دڪانن کي خوفناڪ باهه، 4 ڄڻا سڙي فوت، 2 زخمي

- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي عائشه منزل ويجهو فرنيچر جي دڪانن ۾ خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا ۽ دڪانن ۾ پيل ڪروڙين رپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو، نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. عائشه منزل ويجهو فرنيچر جي  دڪانن ۾ باهه لڳي وئي، جيڪا تيزيءَ سان عمارت جي چوٿين منزل تائين پهچي وئي. اطلاع ملڻ تي باهه وسائڻ وارو عملو ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون. دڪاندارن موجب باهه ڪپڙي جي دڪان ۾ رکيل سلينڊر  ليڪ ٿيڻ سبب لڳي، باهه وسائڻ جي ڪوشش دوران سلينڊر ڦاٽي پيو، جنهن بعد باهه جي شدت ۾ تيزي اچي وئي. باهه لڳڻ سبب 4 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، فوتين ۽ زخمين جا مڙهه اسپتال  پهچايا ويا. فائر برگيڊ عملي ساڍن ٽن ڪلاڪن کانپوءِ باهه تي ضابطو آندو. نگران وڏي وزير  جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر واقعي جو نوٽيس وٺندي معاملي جي جاچ لاءِ  ڪميٽي به جوڙي ورتي آهي. وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪميٽي جو سربراهه ڪمشنر ڪراچي هوندو. ترجمان موجب ڪميٽي باهه جا سبب ۽ غفلت ڪندڙن خلاف جاچ ڪندي، نگران وڏي وزير ڪميٽي کان ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوريءَ ۽ ڪراچي جي ميئر  مرتضيٰ وهاب واقعي واري هڌ جو دورو پڻ ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
8 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
light rain
24.6 ° C
24.6 °
24.6 °
58 %
3kmh
10 %
ڇنڇر
28 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون