تازه ترين

ٺاروشاهه پوليس مقابلي ۾ هڪ ڌاڙيل کي مارڻ جي دعويٰ

- Advertisement -
ٺاروشاهه پوليس مبينا مقابلي دوران هڪ ڌاڙيل کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته درٻيلو لنڪ روڊ تي مڱريا اسٽاپ وٽ مقابلي دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو جڏهن ته سندس ٽي ساٿي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا. پوليس موجب، مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ صدر عرف صدرو ڪلھوڙو طور ٿي. پوليس جو چوڻ آهي ته ماجي ويل ڏوهاري وٽان ڪلاشنڪوف هٿ آئي آهي جڏهن ته سندس لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب، صدر عرف صدرو ڪلھوڙو ٽي هفتا اڳ ڪيلا موري پوليس پڪٽ تان پوليس اهلڪار جابر راجپوت کي اغوا ڪري قتل ڪيو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته فرار ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ ناڪابندي ڪئي آهي کين جلد گرفتار ڪيو ويندو. مارجي ويل ڏوهاري جو لاش ڪيترن ئي ڪلاڪن کان اسپتال ۾ پيل آهي جڏهن ته ڊاڪٽرن جي مبينا لاپرواهي سبب پوسٽ مارٽم  نه ٿي سگهيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس صدام ڪلهوڙو کي ڪجهه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو هو جنهن کي رات دير سان فل فراءِ ڪيو ويو آهي ۽ هٿ آيل ڪلاشنڪوف به شڪي بڻيل آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
4 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
light rain
24.6 ° C
24.6 °
24.6 °
58 %
3kmh
10 %
ڇنڇر
28 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون