تازه ترين

اسرائيلي فوج جي غزا تي بمباري ، صحافي جي خاندان سميت 30 فلسطيني شهري شهيد

- Advertisement -
اسرائيلي فوج جي غزا تي بمباري ۾ صحافي جي خاندان سميت 30 فلسطيني شهري شهيد ٿي ويا، جڏهن ته يهودي فوج ٻن مهينن دوران 10 هزار حملن جو اعتراف پڻ ڪيو آهي. يهودي فوج جباليا ڪيمپ تي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ عرب صحافي جي خاندان جا 21 ماڻهو ۽ رفح ۾ هڪ گهر تي بمباري سبب 9 فلسطيني شهيد ٿي ويا. صرف پنج ڏينهن دوران اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ 1200 فلسطيني شهري شهيد ٿي ويا. اسرائيلي فوج خان يونس جي وچ تائين پهچڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته اسرائيلي فوج غزا ۾ ٻن مهينن دوران 10 هزار هوائي حملن جو پڻ اعتراف ڪيو آهي. هوڏانهن اسرائيلي فوج سان فلسطيني ويڙهاڪن جون چڪريون جاري آهن ۽ القسام برگيڊ اتر غزا جي اهم محلي ۾ داخل ٿيندڙ اسرائيلي ٽينڪن ۽ گاڏين کي راڪيٽن سان نشانو بڻايو آهي، راڪٽ حملن کانپوءِ اسرائيلي گاڏين ۾ باهه لڳي وئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
39 %
3.4kmh
45 %
آچر
29 °
سُومر
28 °
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
33 °

تازه ترين خبرون