- Advertisement -
اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف جي العزيزيا اسٽيل ملز ريفرنس ۾ احتساب عدالت طرفان ٻڌايل سزا جي خلاف اپيل تي ٻڌڻي اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٿيندي.
چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل ڊويزن بينچ ٻڌڻي ڪندي.
اسلام آباد عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف جي سزا وڌائڻ جي نيب اپيل تي به ٻڌڻي اڄ ٿيندي.
24 ڊسمبر 2018 تي اسلام آباد جي احتساب عدالت نواز شريف جي العزيزيا اسٽيل ملز ريفرنس ۾ 7 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي.- Advertisement -
