- Advertisement -
آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته قوم کي هٿياربند فوج جي ڪارڪردگي تي فخر آهي، ڪاميابي پاڪستان جو مقدر آهي، پاڪ فوج وطن جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت رت جي آخري ڦڙي تائين ڪندي، دشمنن جي ناپاڪ ادارن کي گڏيل حڪمت عملي ذريعي ناڪام بڻايو پيو وڃي.
آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل عاصم منير نشان امتياز پشاور جو دورو ڪيو آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف کي سڪيورٽي جي مجموعي صورتحال، دهشتگردي خلاف ڪاررواين، غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين جي ڏيهه واپسي ۽ نون ضم ٿيل ضلعن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف دهشتگردي جي مختلف ڪاررواين دوران بهادري جو مظاهرو ڪندڙ آفيسرن ۽ جوانن سان به ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي آرمي چيف جنرل عاصم منير آفيسرن ۽ جوانن جي بيمثال ڪارڪردگي جي ساراهه ڪندي چيو ته قوم کي هٿياربند فوج جي ڪارڪردگي تي فخر آهي، ڪاميابي پاڪستان جو مقدر آهي، پاڪ فوج وطن جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت رت جي آخري ڦڙي تائين ڪندي.
آرمي چيف پهريون ڀيرو ٿيندڙ قومي ورڪشاپ خيبرپختوا جي شرڪت ڪندڙن کي به خاص خطاب ڪندي چيو ته سڪيورٽي فورسز کي ڪي پي جي غيور عوام جي پرعزم حمايت سبب ئي صوبي ۾ استحڪام، سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي منصوبن تي اڳڀرائي حاصل ٿي آهي.
پاڪستان جي خوشحالي کي ڪي پي سان ڳنڍيندي جنرل سيد عاصم منير زور ڀريو ته پاڪستان جي امن ۽ استحڪام لاءِ دشمنن جي ناپاڪ ادارن کي گڏيل حڪمت عملي ذريعي ناڪام بڻايو پيو وڃي.
آرمي چيف جنرل سيد سيد عاصم منير نون ضم ٿيل ضلعن ۾ اقتصادي ترقي جي اهميت کي اجاگر ڪيو.
آرمي چيف چيو ته غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهي ملڪ جي سلامتي ۽ معشيت کي بري طرح متاثر ڪري رهيا آهن سندن ڏيهه واپسي جو فيصلو حڪومت پاڪستان جي وسيع تر مفاد ۾ ڪيو آهي، غيرقانوني پرڏيهين کي طئي ٿيل اصولن موجب باعزت طريقي سان سندن ملڪن ڏانهن واپس اماڻيو پيو وڃي.- Advertisement -
