تازه ترين

ڪجهه ڏينهن ۾ چونڊ شيڊول ڏنو ويندو، پولنگ 8 فيبروري 2024ع تي ٿيندي : چيف اليڪشن ڪمشنر

- Advertisement -
چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ چونڊ شيڊول ڏنو ويندو، پولنگ 8 فيبروري 2024ع تي ٿيندي، اليڪشن ڪميشن پنهنجي آئيني ۽ قانوني ذميوارين کان بهتر نموني آگاهه آهي، شفاف ۽ پرامن چونڊون ڪرائڻ لاءِ پوري طرح تيار ۽ پرعزم آهن، اليڪشن ڪميشن اوهان کي يقين ڏياري ٿي ته چونڊن دوران اوهان کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو ته جيئن اوهان مڪمل رازداري ۽ شفافيت سان پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪري سگهو. قومي ووٽر ڊي جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ سڪندر سلطان راجا چيو ته اليڪشن ڪميشن عوام کي اپيل ڪري ٿي ته هو ملڪ ۽ قوم جي روشن مستقبل لاءِ پنهنجو راءِ جو حق استعمال ڪري ۽ اليڪشن ڪميشن سان سهڪار ڪري. سندس چوڻ هو ته پرامن چونڊن کي يقيني بڻايو ويندو، عوام کي ياد رکڻ گهرجي ته اوهان جي هٿن ۾ ووٽ جي طاقت آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو ته عوام پنهنجي ۽ پنهنجي ٻچن جي مستقبل کي سامهون رکي پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪري چونڊن بابت بي بنياد خبرن ۽ افواهن تي يقين نه ڪري. هن چيو ته عوام کي اپيل آهي ته هو چونڊ عمل ۾ ڀرپور حصو وٺي اهو عوام جو حق به آهي ۽ قومي فرض به آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو ته اليڪشن ڪميشن هن وقت ايندڙ عام چونڊن جي تيارين ۾ رڌل آهي، قطعي چونڊ لسٽن جي پرنٽنگ جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، اليڪشن ڪميشن ڪجهه ڏينهن ۾ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن، رٽرننگ آفيسرن ۽ اسسٽنٽ آفيسرن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27 ° C
27 °
27 °
46 %
3.2kmh
1 %
آچر
27 °
سُومر
28 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون