- Advertisement -
شڪارپور جي عدالت منشيات رکڻ جي ڪيس ۾ جوابدار کي 14 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طارق احمد ڀٽي جي عدالت چرس رکڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار حبيب الله عرف عنايت شر کي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
عدالت پاران جوابدار تي 8 لک رپيا ڏنڊ به وڌو ويو.
جوابدار کي ھڪ سال اڳ اينٽي نارڪوٽڪس پوليس شڪارپور ڳڙھي ياسين روڊ ڪوريجا اسٽاپ وٽان گرفتار ڪيو ھو.
سرڪاري فرياد تي جوابدار مٿان اينٽي نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو ھو.
عدالتي اھڙي فيصلي بعد جوابدار کي سينٽرل جيل سکر منتقل ڪيو ويو……..- Advertisement -
