- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي ماڻهن جي بازيابي نه ٿيڻ تي جاچ آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي بچاءَ ۽ گهرو وزارت کان جنوري تي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت پاران گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي نه ٿيڻ تي جاچ آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
گم ٿيل شهري جي امڙ چيو ته سندس پٽ کي ڪراچي مان گرفتار ڪري منشايت جو ڪيس داخل ڪيو ويو.
عدالت جاچ آفيسر کي شفاف جاچ جي هدايت ڪري ڇڏي.
امڙ ممتاز فاطمه چيو ته ڪيترائي سال گذري ويا آهن پنهنجي پياري کي ڏٺو ناهي.
درخواست ڏيندڙ جي وڪيل چيو ته عدالت گهرڀاتين جي مالي مدد جو حڪم ڏنو هو.
عدالت گهرو سيڪريٽري کي ذاتي حيثيت رپورٽ سميت طلب ڪري ورتو.
عدالت جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس کي اجلاس جاري رکڻ جي به هدايت ڪئي.
درخواست ڏيندڙن ۾ مسمات فرحانه، عارفه، مونا، منهاس الدين، بسيران، ممتاز، بلال ۽ ثناءَ شامل آهن.
ٻڌڻي دوران گم ٿيل شخص جي پيرسن والد چيو ته موسيٰ بن سجاد 9 ورهين کان گم آهي، پٽ جي وڃڻ بعد گهر ۾ قيامت جهڙا منظر آهن، هڪ ڀيرو ماني کائڻ لاءِ ملندي آهي، هو ته چئي ٿو ته جيل ۾ وڌو وڃي ٻن ويلن جي ماني تي ملندي.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي چيو ته اوهان سان همدردي آهي، عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي.
ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر چيو ته درخواست ڏيندڙ جو پٽ جهادي تنظيم سان رابطن ۾ هو، پشاور مان رپورٽ اچي چڪي آهي، ڪنهن اداري جي تحويل ۾ ناهي، جي آءِ ٽي ۾ موسيٰ بن سجاد جي جبري گمشدگي ثابت ٿي چڪي آهي.
عدالت گم ٿيل شهري جي گهرڀاتين کي معاوضو ڏيڻ لاءِ سنڌ جي گهرو کاتي کي قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت بچاءَ ۽ گهرو وزارت کان 22 جنوري تائين رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.- Advertisement -
