آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي : آرمي چيف

- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان عالمي دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڪشمير مسئلو ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل ٿيڻ گهرجي، پاڪستان آمريڪا سان ڊگهي مدي وارا ۽ مضبوط رابطا چاهي ٿو، دوست ملڪن سان برابري جي بنياد تي لاڳاپن تي يقين آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته واشنگٽن ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، آمريڪي ٿنڪ ٽينڪس ۽ ميڊيا سان خاص ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف ملاقات  دوران علاقائي سلامتي، عالمي دهشتگردي ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام کي برقرار رکڻ جي اهميت بابت پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪشمير مسئلي کي ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته ڪشمير هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي ۽ ڪوبه هڪ طرفي قدم ڪشميري عوام جي خواهشن خلاف هن تڪرار جي نوعيت کي تبديلي نٿو ڪري سگهي. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف غزه ۾ فوري جنگ جي خاتمي، انساني همدردي ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ٻه رياستي حل کي لاڳو جي فوري ضرورت تي به زور ڀريو. آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته پاڪستان علاقائي استحڪام، عالمي امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان عالمي دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بيمثال خدمت ۽ قربانيون ڏنيون آهن ۽ پاڪستاني عوام جي ڀرپور حمايت سان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جيو پوليٽيڪل ۽ جيو اڪنامڪ ٻنهي پاسن کان اهم ترين ملڪن مان آهي، پاڪستان وچ ايشيا جي ٻين ملڪن سان مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو. آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته پاڪستان بلاڪ پاليٽڪس تي يقين نٿو رکي ۽ سمورن دوست ملڪن سان برابري جي بنياد تي لاڳاپن تي يقين رکي ٿو، پاڪستان آمريڪا سان ڊگهي مدي وارا ۽ مضبوط رابطا چاهي ٿو. آءِ ايس پي آر موجب، آمريڪي دوري دوران سياسي ۽ فوجي قيادت سان آرمي چيف جون ڳالهيون تمام گهڻيون هاڪاري رهيون. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير جي اچڻ تي پاڪستان جي سفير سندس آڌر ڀاءُ ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
21%
3.4m/s
4%
جمعو
20 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °
سُومر
22 °
اڱارو
22 °

تازه ترين خبرون