سنڌ هائيڪورٽ ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ فرنيچر جي مد ۾ ڪروڙين رپيا ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ سرڪاري اسڪولن ۾ فرنيچر جي مد ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن وارو  ڪيس ۾ اسڪولن ۾ فرنيچر جي دستيابي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي. سنڌ هائيڪورٽ ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ فرنيچر جي مد ۾ ڪروڙين رپيا ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته صوبي جي ڪيترين اسڪولن ۾ فرنيچر آهي ۽ ڪيترن اسڪولن ۾ ناهي؟ تفصيلي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي،. عدالت عمرڪوٽ ضلعي ۾ فراهم ڪيل ڊيسڪن جو معائنو ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو. سنڌ هائيڪورٽ چيو ته ڊائريڪٽر ميرپورخاص، ڪانٽريڪٽر ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر پلاننگ ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ ڊيسڪن جو معائنو ڪندا. جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ڪانٽريڪٽر پاران فراهم ڪيل ڊيسڪن جو معائنو ڪري معيار چيڪ ڪيو وڃي، ضلعي عمرڪوٽ ۾ فراهم ڪيل ڊيسڪن جو معيار چيڪ ڪري 15 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي. عدالت چيو ته سيڪريٽري ايجوڪيشن ڊيسڪن جي انسپيڪشن ڪميٽي ذريعي جاچ کي يقيني بڻائي. سنڌ هائيڪورٽ چيو ته ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي،  سنڌ حڪومت انهن ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي. سيڪريٽري تعليم چيو ته سنڌ حڪومت 40 لک ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل اسڪولن جي به مرمت ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
14.6 ° C
14.6 °
14.6 °
30%
2m/s
29%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
23 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون