ڪراچي ۾ ڦر جي وارداتن ۾ غيرمعمولي اضافو

- Advertisement -
ڪراچي ۾ ڦر جي وارداتن ۾ غيرمعمولي اضافو ٿي ويو، هڪ ئي ڏينهن اندر ڦورن سان مزاحمت توڙي ٻين واقعن ۾ 4 شهري قتل ۽ 12 زخمي ٿي پيا آهن. موچڪو ٿاڻي جي حد مواڇ ڳوٺ نمبر ٻه مارڪيٽ ۾ جنرل اسٽور تي ڦر مزاحمت هٿيارنبدن گوليون هڻي دڪاندارن کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب، ڦورن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل دڪاندار جي سڃاڻپ 28 ورهين جي احمد پٽ عزيز الرحمان ٿي جنهن جو مڙهه اسپتال منتقل ڪيو ويو. مواڇ ڳوٺ ۾ دڪاندارن جي قتل خلاف واپارين طرفان اڄ هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي. ان کان اڳ ٽمبر مارڪيٽ ۾ ڀتو نه ڏيڻ تي 40 ورهين جي واپاري شهزاد جعفراني کي هٿياربندن دڪان اندر قتل ڪري فرار  ٿي ويا، مقتول بهادر آباد جو رهواسي ۽ ٽن ٻارن جو پيءُ هو. ٻئي پاسي اورنگي ٽائون جي علائقي سيڪٽر 14 بنگالي پاڙي ۾ ڦر مزاحمت تي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب، صديق اڪبر مسجد وٽ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن گھر ٻاهران بيٺل 25 ورهين جي راحيل کي موبائل فون ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا نه ڏيڻ تي هٿياربندن گولي هڻي سندس زندگي کسي ورتي. ٻئي پاسي جهانگير روڊ تي شادي هال ۾  هوائي فائرنگ دوران پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا، منور چورنگي، اتحاد ٽائون، گلزار هجري اسڪيم 33 وارن علائقن به ٽي ڄڻا مرڻينگ ٿي پيا جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
18%
1.6m/s
18%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
23 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون