- Advertisement -
امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو آهي ته اسرائيل غزه ۾ عام شهرين کي تحفظ فراهم ڪري، امريڪا خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي.
پنهنجي جاري بيان ۾ امريڪي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته هو اسرائيل سان ان ڪري بيٺا آهن ته جيئن جيڪو 7 آڪٽوبر تي ٿيو اهو ٻيهر نه ٿئي.
سندس چوڻ هو ته غزه جي تڪرار کي حل ڪرڻ امريڪا جي اولين ترجيح آهي، ڪوشش آهي ته حماس جي قبضي مان سمورن قيدين کي آزاد ڪرايو وڃي
انٽوني بلنڪن وڌيڪ چيو ته امريڪا خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي ۽ تڪرار کي وڌيڪ ڦهلجڻ کان روڪڻ چاهي ٿو.- Advertisement -
