- Advertisement -
سي ٽي ڊي پاران ڊي آءِ خان حملي جي ماسٽر مائنڊ سميت 9 دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
سي ٽي ڊي پشاور جي ترجمان موجب گرفتار دهشتگردن ۾ ماسٽر مائنڊ ڪفايت به شامل آهي.
ترجمان وڌيڪ چيو ته حملي ۾ ملوث 7 سهولتڪارن کي به گرفتار ڪيو آهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته حملي ۾ ملوث 6 دهشتگردن جو تعلق افغانستان سان آهي.
سي ٽي ڊي موجب آپگهاتي حملي آور جو تعلق به افغانستان سان هو، آپگهاتي حملي آور حملي کان اڳ ويڊيو به جاري ڪئي هئي.- Advertisement -
