- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي ايس ايس پي جاچ کان ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 25 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته ڪيترا جي آءِ ٽي اجلاس ٿي چڪا آهن؟، جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته 22 جي آءِ ٽي ۽ 16 صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس ٿي چڪا آهن.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته 22 جي آءِ ٽي اجلاس ٿيڻ باوجود ڪوبه پتو ناهي پئجي سگهيو؟، جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته ڪوششون جاري آهن جيڪو پهريان هن ڪيس جو جاچ آفيسر هو ان جي بدلي ٿي وئي سندس مقرري هاڻي ٿي آهي.
گم ٿيل شهري جي والد چيو ته 2013ع کان سندس پٽ بلال اجمير نگري مان گم ٿيو آهي، 11 سال گذري چڪا آهن پر هن وقت تائين ڪوبه پتو ناهي پئجي سگهيو.
گم ٿيل شهري جي والد چيو ته 11 ورهين کان عدالتن ۽ ٿاڻن جا چڪر ڪاٽي رهيو آهي پر اڃا تائين پٽ جو ڪوبه ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي چيو ته هو پوليس جي ڪارروائي مان خوش ناهن.
عدالت جاچ آفيسر کان پچاڻو ڪيو ته سٽي ڪورٽ مان گم ٿيل شهري جي بازيابيءَ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن، جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته جي آءِ ٽي ۾ پتو لڳايو ويو آهي ته گم ٿيل غلام نبي فيروز آباد ڪيس ۾ سٽي ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻو هو پر هو عدالت ۾ پيش ٿيو ئي ناهي.
جاچ آفيسر چيو ته جاچ ڪئي آهي سندس گهرڀاتين ۽ دوستن کي گهرايو هو خبر پئي ته هو 9 ڊسمبر تي دوستن ۽ گهرڀاتين سان رابطي ۾ هو، دوستن ٻڌايو ته هو لکين رپين جو قرضي هو جنهن مان خبر پئي ٿي ته هو پاڻ لڪي ويو آهي، وڌيڪ جاچ لاءِ لاڳاپيل کاتن کي خط لکيا آهن.
عدالت ايس ايس پي جاچ کان ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 25 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي……….- Advertisement -
