سپريم ڪورٽ طرفان اورنگي ٽائون، محمود آباد ۽ گجر نالي متاثرن کي متاثرن کي معاوضو ڏيڻ لاءِ 15 ڏينهن جي مهلت

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري، اورنگي ٽائون، محمود آباد ۽ گجر نالي جي متاثرن کي متبادل گهر ڏيڻ بابت درخواست تي 15 ڏينهن ۾ اختيارين کي عبوري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري، اورنگي ٽائون، محمود آباد ۽ گجر نالي جي متاثرن کي متبادل گهر ڏيڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس سيد حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس عرفان سعادت خان تي ٻڌل 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري، ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت متاثرن کي متبادل گهر فراهم ڪرڻ جي حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس سيد حسين اظهر رضوي رمارڪس ڏيندي چيو ته هتي ته ڳوٺ ٺاهيا ويندا آهن، اڌ ڪراچي تي ڳوٺ ٺاهيا ويا آهن، اوهان جي پوليس حددخلين کي ختم نه ٿي ڪري سگهي ته خانگي سيڪيورٽي گارڊ آندا ويندا. جسٽس محمد علي مظهر پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته متبادل گهرن جو معاملو ڪٿي پهتو؟ اوهان ماڻهو ٻڌايو ڇا ٿيو؟ جنهن تي چيف سيڪريٽري چيو ته رڳو ڪابينا جي منظوري باقي آهي ته ڪجهه وقت ڏنو وڃي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اوهان ڪابينا ۾ وڃو يا ٻيو ڪجهه ڪريو، اهو عدالت جو حڪم آهي ان تي عمل ڪرڻو پوندو. ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته متبادل ڏيڻ بابت ٻن آپشن تي غور ڪيو پيو وڃي جنهن تي جسٽس سيد حسن اظهر رضوي رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪٿي زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ اتي ڇا آهي؟. ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته زمين مختص ڪئي وئي آهي اتان حددخليون هٽائڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي، اها تجويز چيف سيڪريٽري جي آهي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته هڪ کي هٽايو ويندو ته ٻيو ايندو، زمين کي خالي ڪرائڻ اوهان جي ذميواري آهي جنهن تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته زمين موجود آهي رڳو اڏاوت جي رقم ۽ گهر تعمير ڪري ڏيڻ جو معاملو غور هيٺ آهي. فوڪل پرسن چيو ته 600 کان وڌيڪ متاثرين کي چيڪ نه ڏئي سگهيا آهن، ڪجهه ماڻهن رابطو نه ڪيو آهي، ڪجهه ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ آهن، ڪجهه فوت ٿي ويا آهن. عدالت متاثرن جي لسٽ متاثرن جي وڪيل کي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جسٽس عرفان سعادت خان چيو ته اميد آهي ته معاملو اڳتي وڌندو، هتي اچي پهتو آهي، جيڪڏهن هلندو ته آهستي آهستي سفر ڪٽجي ويندو. ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته متاثرين جا 491 چيڪ باقي آهن اهي به ڏنا ويندا. عدالت باقي متاثرن کي چيڪ ڏيڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل ۽ متاثرن جي وڪيل وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. ايڊووڪيٽ فيصل صديقي دليل ڏيندي چيو ته لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، ڇا اها ڪا مذاق آهي؟، سرڪاري وڪيل هتي بيهي ڪري کلي پيو ۽ ماڻهو دربدر آهن. عدالت وڪيلن کي خاموش ڪرائيندي رمارڪس ڏيندي چيو ته پاڻ ۾ نه ڳالهايو. عدالت متبادل گهر فراهم ڪرڻ جي ٻنهي تجويزن تي غور ڪري معاملو حل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري صوبائي ڪابينا کان منظوري لاءِ مهلت ڏيندي 15 ڏينهن ۾ اختيارين کي عبوري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
12.5 ° C
12.5 °
12.5 °
35%
2.9m/s
34%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °
سُومر
21 °

تازه ترين خبرون