- Advertisement -
مسلم ليگ نون جي صدر بشير ميمڻ، قومي تڪ 208 سڪرنڊ جي مقامي رٽرننگ آفيسر تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته ن ليگ اميدوار غلام رسول انڙ پنھنجي ميئنجر عبدالرزاق کي جڏھن نامزدگي فارم وصول ڪرڻ لاءِ اماڻيو ته رٽرننگ آفيسر فارم ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، چيف اليڪشن ڪمشنر ھن مسئلي جو نوٽيس وٺي.
مسلم ليگ نون جي صدر بشير ميمڻ، قومي تڪ 208 سڪرنڊ جي مقامي رٽرننگ آفيسر تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي.
بشير ميمڻ جو چوڻ آهي ته ن ليگ اميدوار غلام رسول انڙ پنھنجي ميئنجر عبدالرزاق کي جڏھن نامزدگي فارم وصول ڪرڻ لاءِ اماڻيو ته رٽرننگ آفيسر فارم ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
هن چيو ته رٽرننگ آفيسر سڪرنڊ دلشاد عمراڻي مقامي ماڻهو آهي جيڪو فارم نه ڏئي ٽائيم پورو ڪري مخالفن کي بنا مقابلي ڪامياب ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري پيو، چيف اليڪشن ڪمشنر ھن مسئلي جو نوٽيس وٺي.
مسلم ليگ نون جي صدر بشير ميمڻ چيو ته ن ليگ پهريان به رٽرننگ آفيسر تي اعتماد نه ڪرڻ جي درخواست ڪري چڪي آهي اهڙا معاملا ٿيڻ تي هو ڪيئن اعتماد ڪندا.- Advertisement -
