- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن 8 فيبروي تي ٿيندڙ عام چونڊن لاءِ سياسي پارٽين جي مطالبي ۽ اميدوارن جي سهولت لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ۽ وصول ڪرڻ جي تاريخ ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي هاڻي نامزدگي ڪاغذ لاڳاپيل رٽرننگ آفيسرن جي آفيس ٽائيم ۾ 24 ڊسمبر تائين وصول ۽ جمع ڪرائي سگهجن ٿا.
اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سياسي پارٽين جي مطالبي ۽ اميدوارن جي سهولت لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ۽ وصول ڪرڻ جي تاريخ ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.
اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب، هاڻي نامزدگي ڪاغذ لاڳاپيل رٽرننگ آفيسرن جي آفيس ٽائيم ۾ 24 ڊسمبر تائين وصول ۽ جمع ڪرائي سگهجن ٿا.
اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل تاريخ تائين سياسي پارٽيون مخصوص سيٽن لاءِ لسٽون رٽرننگ آفيسرن وٽ جمع ڪرائن جڏهن ته رٽرننگ آفيسر ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ 25 کان 30 ڊسمبر تائين ڪندا.
اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب، نظرثاني شيڊول ۾ اليڪشن ڪميشن واضح ڪيو آهي ته باقي سموريون چونڊ سرگرميون شيڊول موجب جاري رهنديون ۽ 8 فيبروري 2024ع تي پولنگ ٿيندي.- Advertisement -
