- Advertisement -
صوبائي تڪ 77 سيوهڻ تي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا، سندس چوڻ آهي ته عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي سڄي مان وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي ۽ ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو.
صوبائي تڪ 77 سيوهڻ تي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه قافلي جي صورت ۾ رٽرننگ آفيسر جي آفيس پهچي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا.
آر او آفيس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي سڄي مان وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي ۽ ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو.
سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته عام چونڊن جي پروگرام جو اعلان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڻ ڪندو، پيپلزپارٽي هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي، غريب ماڻھن کي گھر ڏنا ۽ بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏنو آهي.- Advertisement -
