- Advertisement -
آمريڪي صدر جوبائيڊن 2024 جي لاءِ 886 ارب ڊالر جو دفاعي بجيٽ منظور ڪري ڇڏي، جڏهن ته 800ملين يوڪرين لاءِ امداد مختص ڪئي وئي آهي.
بجيٽ ۾ مختص ڪيل مجموعي رقم بچاءَ واري وزارت، توانائي، پرڏيهي وزارت ۽ انٽيليجنس سروسز تي خرچ ٿيندي.
صدر جوبائيڊن يوڪرين، اسرائيل ۽ ايشيا پيسيفڪ جي لاءِ 106 ارب ڊالر مختص ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو هو جيڪو ڪانگريس مان سهڪار حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.
دفاعي بجيٽ ۾ سروسز سان لاڳاپيل اهلڪارن جي پگهارن جي مد ۾ 5 ڏهائي 2 سيڪڙو اضافي تجويز ڪيو ويو هو، جڏهن ته دفاعي بجيٽ ۾ مجموعي طور تي ٽي سيڪڙو اضافو ڪيو ويو.- Advertisement -
