- Advertisement -
پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان اڳوڻي وفاقي وزير ۽ سينيٽر فيصل واوڊا ملاقات ڪئي آهي.
ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات بلاول هائوس ڪراچي ۾ ٿي جنهن ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
بلاول هائوس ترجمان موجب، ملاقات دوران عام چونڊن سميت گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي آصف علي زرداري ۽ فيصل واوڊا جي تصوير به پوسٽ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اڳوڻو صدر اڳوڻي وفاقي وزير سان شفقت جو اظهار ڪري رهيو آهي…..- Advertisement -
