- Advertisement -
بم ڊسپوزل يونٽ ڪراچي جي ڪينٽ اسٽيشن تي ٽرين مان هٿ آيل بم جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
بم ڊسپوزل يونٽ جو چوڻ آهي ته بم عوامي ايڪسپريس جي بوگي نمبر 5 ۾ سيٽ نمبر 71 ويجهو مليو، بم اسڪول بيگ ۾ رکيو ويو هو.
بم ڊسپوزل يونٽ جو وڌيڪ چوڻ هو ته بيگ جو وزن 5 ڪلوگرام هو، جڏهن ته بم کي ناڪاره بڻائڻ کانپوءِ اڍائي ڪلو بارودي مواد ۽ اليڪٽريڪل ڊيٽونٽر هٿا ڪيا ويا .
ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا جو چوڻ آهي ته هٿ آيل بيگ ۾ آءِ اي ڊي ڊوائيس موجود هئي، بم کي ٻن ڪنٽرول بلاسٽ ذريعي ناڪاره بڻايو ويو.
ڊي آءِ جي ڏکڻ جو چوڻ آهي ته شڪي بيگ جو اطلاع سوا 9 وڳي مليو، بيگ ٽرين ۾ سيٽ هيٺان رکيل هو……..- Advertisement -
