اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نومبر 2022 جي ايم ڊي ڪيٽ جي رزلٽ کي ٻن سالن لاءِ صحيح قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نومبر 2022 جي ايم ڊي ڪيٽ جي رزلٽ کي ٻن سالن لاءِ صحيح قرار ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب فيصلو جاري ڪيو. پٽيشنر طرفان خليق الرحمان ايڊووڪيٽ ڪيس جي پيروي ڪئي. عدالت چيو ته نومبر 2022 ع جو ايم ڊي ڪيٽ جو رزلٽ نومبر 2024ع تائين قبولڻ جوڳو هوندو. درخواستگذار لائبا رئوف نومبر 2022 ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ پاس ڪئي هئي، جڏهن درخواستگذار  ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ پاس ڪئي، ان وقت رزلٽ قانون موجب 2 سالن لاءِ صحيح هو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار پي ايم ڊي سي جي 14 جولاءِ 2023 جي پبلڪ نوٽيس کي چئلينج ڪيو. پي ايم ڊي سي نوٽيس ۾ چيو هو ته 2022ع ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ پاس ڪندڙ کي 2023ع ۾ داخلا نه ملندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته 2021 جي ضابطن موجب نومبر 2022ع جي ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جا نتيجا 2 سالن لاءِ صحيح آهن، بعد ۾ ڪيل  انتظامي فيصلي ذريعي درخواستگذار کان اهو حق واپس نه ٿو وٺي سگهجي. فيصلي ۾ عدالت چيو ته درخواستگذار جي ايم ڊي ڪيٽ جو نتيجو نومبر 2022 کان نومبر 2024 تائين صحيح هوندو، درخواستگذار جي ڪيس ۾ ٿيندڙ خرچ به پي ايم ڊي سي ادا ڪندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13 ° C
13 °
13 °
34%
2.2m/s
52%
اربع
13 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون