- Advertisement -
ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تي ريل گاڏيءَ مان بم هٿ اچڻ واري واقعي جو ڪيس اڻڄاتل دهشتگردن خلاف داخل ڪيو ويو.
ريلوي ڪينٽ ٿاڻي تي هيڊڪانسٽيبل شعيب رضا جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
اڻڄاتل دهشتگردن خلاف داخل ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي ۽ ايڪسپلوز جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.
ڪيس جي فريادي هيڊ ڪانسٽيبل شعيب جو چوڻ آهي ته عوام ايڪسپريس جي بوگي نمبر پنج جي سيٽ نمبر 71 هيٺان شڪي بيگ ملي، بوگي ۾ سوار سمورن مسافرن ان کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو.
فريادي موجب، بيگ کي ڪينٽ اسٽيشن جي هيلپ سينٽر آندو ويو جتي کوليو ته ان ۾ شڪي ڊوائيس، بيٽري ۽ تارون موجود هيون.
فريادي ڄاڻايو ته بيگ پليٽ فارم نمبر ٽي تي کڻي وڃي بم ڊسپوزل يونٽ کي طلب ڪيو ۽ ڌماڪيدار مادي کي ناڪاره بڻايو ويو……….- Advertisement -
