- Advertisement -
ايمنسٽي انٽرنيشنل چيو آهي ته غزه ۾ جنگ بندي جي چاٻي امريڪا وٽ آهي.
پنهنجي بيان ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل جو چوڻ آهي ته غزه ۾ جاري قتل عام ۽ عالمي قانون جون ڀڃڪڙيون صرف امريڪا ئي روڪي سگھي ٿو.
بيان موجب سلامتي ڪائونسل جو غزه ۾ امداد بابت ٺهراءُڏکيائين جي سمنڊ ۾ ڦڙي برابر آهي.
ايمنسٽي انٽرنيشنل جي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته غزه ۾ انساني امداد جي فراهمي ۾ بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهڻ گھرجي، اسرائيل کي غزه جي شهرين جي امداد ۾ نه روڪڻ گھرجي- Advertisement -
