- Advertisement -
اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته پاڪستان جو باني جمهوريت پسند ۽ روشن خيال قائد، انساني ۽ مذهبي آزادي جو وڪيل هو.
ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي جنم ڏهاڙي جي موقعي تي اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته قائد عظم جمهوريت پسند ۽ روشن خيال اڳواڻ هو.
هن چيو ته پاڪستان جو قومي ترانو قائد اعظم جي فلسفي جي عڪاسي ڪري ٿو، پيپلزپارٽي اظهار راءِ جي آزادي، سياسي ۽ مذهبي آزادي جو دفاع ڪندي آهي.
اڳوڻي صدر چيو ته 1973جو آئين وطن جي بقا ۽ سلامتي جو ضامن آهي، هڪ مخصوص سوچ مذهب جي آڙ وٺي ملڪ ۽ معاشري تي پنهنجي س وچ مڙهڻ چاهي ٿي، جيڪو قائد اعظم جي فلسفي جي ابتڙ آهي جنهن جي ڪنهن به صورت تي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي.- Advertisement -
