قائد اعظم جي جدوجهد سبب اڄ آزاد ملڪ ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون : نگران وڏي وزير مقبول باقر

- Advertisement -
سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر چيو آهي ته زنده قومون پنهنجي محسنن کي هميشه ياد رکنديون آهن، قائد اعظم جي جدوجهد سبب اڄ آزاد ملڪ ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. نگران وڏي وزير آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي جنم ڏهاڙي جي حوالي سان رٿيل تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي نگران وڏي وزير چيو ته هو سنڌ ۽ پاڪستان جي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد پيش ڪري ٿو، سموري قوم سندن خوشين ۾ برابر جي شريڪ آهي، اڄوڪو ڏينهن نه صرف عيسائي برادري پر هر مذهب کي مڃيندڙ لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو. سندس چوڻ هو ته ملڪ هن وقت ڏکين حالتن مان  گذري رهيو آهي، ان جي مجموعي ذميواري اسان سڀني مٿان آهي، اهڙي صورتحال مان نڪرڻ لاءِ نوان رستا ڳولڻا پوندا، کين اهڙين رستن جي چونڊ ڪرڻي پوندي جيڪي معاشي، سماجي ۽ اخلاقي ترقي طرف ويندا هجن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13 ° C
13 °
13 °
34%
2.2m/s
52%
اربع
13 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون